محمود خان اچڪزئي، فضل الرحمان کان صدارت لاءِ ووٽ گهري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدارتي چونڊ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جمعيت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان کان حمايت گهري ورتي.
اسلام آباد ۾ محمود خان اچڪزئي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
محمود خان اچڪزئي مولانا فضل الرحمان کان صدر لاءِ ووٽ گهري ورتو.
مولانا فضل الرحمان سان گفتگو ۾ هن چيو ته اسان جو پراڻو واسطو آهي، تحريڪ ۾ گڏ وقت گذاريو آهي، تنهن ڪري اميد آهي ته توهان اسان کي سپورٽ ڪندئو.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته مان پارٽي قيادت سان مشورو ڪري توهان کي آگاهه ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.