ميرپورخاص: آزاد اميدوار جو مبينا انتقامي ڪاررواين خلاف احتجاج

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص جي صوبائي تڪ پي ايس 45 تي آزاد طور عام اليڪشن وڙهندڙ سلامت علي لاکو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

متاثر اميدوار سلامت علي لاکو دانهيو ته عام اليڪشن وڙھڻ بعد ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن جي ضمانت ڪرائي واپس ميرپورخاص پھتاسون ته قاتلاڻو حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 3 گارڊ زخمي ٿي پيا ۽ واقعي جي ٻئي ڏينهن تي قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

هن الزام هنيو ته اليڪشن بعد علائقي جي بااثرن پاران سياسي انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن.

هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.