ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪڏهن ڪڏهن موبائيل فون پاڻي ۾ ڪرڻ کانپوءِ به خراب ناهن ٿيندا پر ڪجهه غلطيون انهن کي خراب ڪري ڇڏينديون آهن.
ان لاءِ جڏهن به فون پاڻي ۾ ڪري پوي ته هيٺين ڳالهين تي عمل ڪريو.
فوري طور تي فون کي پاڻي مان ڪڍو.
موبائيل فون کي بند ڪريو بند ئي رهڻ ڏيو.
موبائيل فون جا سمورا پائوچ ۽ ڪور لاهي ڇڏيو.
ڍڪ کولي بيٽري، سم يا ميموري ڪارڊ ڪڍي ڇڏيو.
ڪنهن خشڪ ڪپڙي سان اگهو پر مهٽڻ کان پاسو ڪريو ڇو ته مهٽڻ سان پاڻي پرزن ۾ هليو ويندو.
فون سڄي ٻڏي چڪي آهي ته ان کي اونڌو ڪريو جيئن پاڻي اسپيڪرز يا ٻين سوراخن مان نڪري وڃي.
فون کي چانورن سان گڏ خشڪ ٿيلهي ۾ بند ڪري رکڻ سان به فون سڪي ويندي آهي.
جيڪڏهن فون ۾ پاڻياٺ رهجي وڃي ته پوءِ آخري حل اهو آهي ته فون کي کولڻ کانسواءِ مستري ڏانهن کڻي وڃو جيڪو ان کي کولي خشڪ ڪندو.