سنڌ مدرست الاسلام يونيورسٽي جي ٻي گلوبل ريسرچ ڪانگريس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي 28 ۽ 29 فيبروري 2024ع تي ٿيل ٻي گلوبل ريسرچ ڪانگريس ۽ ان جي ڇهن بين الاقوامي ڪانفرنسن جي پڄاڻي واري اجلاس ۾ گلوبل ريسرچ ڪانگريس جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ مختلف سفارشون پيش ڪيون، ته جيئن پاليسي ساز انهن تي عمل درآمد ڪري سگهن. ان سيشن ۾ سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع، وائيس چانسلر ايس ايم يو آءِ ڊاڪٽر مجيب صحرائي، مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلر، قومي ۽ بين الاقوامي اسڪالرس، فيڪلٽي، مختلف شعبن جا سربراهه ۽ شاگرد موجود هئا.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي تحت منعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس پنهنجي سفارش ۾ چيو ته تحقيقي پراجيڪٽ شروع ڪيا وڃن. ريسرچ اسڪالرن کي جديد انٽيليجنس ڪمپيوٽنگ سسٽم ۽ ان تي عمل درآمد لاءِ تعاون فراهم ڪيو گهرجي. وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪيترين ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سڀ کان وڏو مسئلو ان شعبي ۾ وسيلن ۽ ماهرن جي کوٽ آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ سان گڏ شاگردن/محققن ۾ سندن صلاحيتن کي وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي. اهو به چيو ويو ته نصاب ۾ ڪمپيوٽر فارنزڪس ۽ ايڊوانسڊ سائبر سيڪيورٽي جهڙا نوان ڪورس به شامل ڪري سگهجن ٿا. گڏوگڏ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي کي صنعتن ۾ لاڳو ڪري سگهجي ٿو ته جيئن ڊيٽا سيڪيورٽي کي وڌائجي، فراڊ ۽ غلطين کي گهٽائجي ۽ رڪارڊ جي درستگي کي بهتر ڪجي. اهو به چيو ويو ته پاڪستان ۾ سافٽ ويئر انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، تنهنڪري شاگردن کي پنهنجي علم کي ٻين لاڳاپيل شعبن جهڙوڪ روبوٽڪس، مصنوعي ذهانت، ۽ بگ ڊيٽا اينالائيٽڪس ڏانهن وڌائڻ جي ضرورت آهي.

ٻولي ۽ ثقافت جي فيڪلٽي جي تحت منعقد ٿيل بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ سفارش ڪئي وئي ته ثقافت ۽ ٻولين کي نصاب جو حصو بڻائڻ گهرجي ته جيئن شاگرد پنهنجن خيالن جي اظهار، شرڪت ۽ ڄاڻ کي وڌائي سگهن. ان کان علاوه، مختلف ٻولين کي عالمي پليٽ فارمن تي کڻڻ گهرجي، جنهن سان لساني ۽ ثقافتي ڊائورسٽي کي فروغ ملندو. ان سان گڏ ثقافتي ورثي جي ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ثقافتي شعبا قائم ڪيا وڃن ته جيئن استادن ۽ شاگردن کي تعليمي سرگرمين ذريعي ثقافت بابت تربيت ڏئي سگهجي.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف سائنسز تحت منعقد ٿيل بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ سفارش ڪئي ويئي ته اعليٰ تعليمي ادارن طرفان فطرت کان متاثر انوويشن مرڪز قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جتي تعليمي ماهر، صنعتي ماهر ۽ عالمي سطح جا ماڻهو شريڪ ٿين ۽ گڏجي ويئي ماحوليات جي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪري انهن جا پائيدار حل ڳولي سگھن. اهو به چيو ويو ته فطرت کان متاثر سمارٽ برادرين لاءِ منصوبا جوڙڻ ۽ انهن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ نتيجن کي عالمي محققن ۽ علمي برادرين سان شيئر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن تحت منعقد ٿيل بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ تعليمي پاليسي ۽ نصابي مسئلن جي حوالي سان تعليمي ماهرن، محققن، استادن ۽ پاليسي سازن جي وچ ۾ باضابطه ڳالهه ٻولهه کي هٿي وٺرائڻ جي سفارش ڪئي وئي ته جيئن پائيدار تعليمي نظام جوڙي سگهجي. اها به سفارش ڪئي وئي ته استادن کي سکيا جي ادارن سان گڏ پڻ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪنهن به ڪورس کي ڊزائين ڪرڻ کان اڳ فيلڊ تجزيو ڪرڻ گهرجي. پائيدار تعليمي عملن جي مطابقت، موافقت، ۽ عزم کي يقيني بڻائڻ لاءِ استادن، صنعت جي ماهرن ۽ شاگردن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي به سفارش ڪئي ويئي.اهو به چيو ويو ته ذهني صحت مجموعي خوشحالي جو هڪ بنيادي پاسو آهي. ان ڪورس کي سڀني شعبن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاگردن کي مدد ملي سگهي. ذهني صحت بابت گفتگو کي نصاب جو حصو بڻائجي ڇاڪاڻ جو يونيورسٽيون هڪ جامع ۽ شفقت ڀريو سکيا وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ حصو وٺن ٿيون.

پنهنجين سفارشن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف سوشل سائنسز تحت منعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ ميڊيا پرسنز کي انساني حقن، انصاف ۽ سماجي مسئلن تي اخلاقي ضابطن تحت رپورٽنگ ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ ۽ درست تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ اختيارين سان سهڪار ڪرڻ جي صلاح ڏني ويئي. اهو به چيو ويو ته اهڙا تحقيقي مرڪز قائم ڪيا وڃن جتي مطالعو ۽ تحقيق ڪري، مسئلن جي حل لاءِ سفارشون پيش ڪري سگهجن.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪامرس تحت منعقد ڪيل بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ سفارش ڪئي وئي ته اسان تي ڪاروباري، معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي استحڪام جي حوالي سان وڌيڪ ذميواريون لاڳو آهن، تنهنڪري انٽرپرينئرشپ ۽ سماجي جدت جي ڪلچر کي فروغ ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.