اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو 22 ڪروڙ عوام جي پارليامينت کي ٻڪرا منڊي بڻائڻ چاهين ٿا.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان جي نئين پارليامينٽ جي شروعات ٿي رهي آهي، پارليامينٽ ۾ ڪو ٻئي جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
هن چيو ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ آئين سان هٿ چراند ڪري ٿي، هي هائوس 22 ڪروڙ ماڻهن جو نمائندو آهي، ڪجهه ماڻهو پاڪستان جي پارليامينٽ کي ٻڪرا منڊي بڻائڻ چاهين پيا.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف چوندو هو ته ووٽ کي عزت ڏيو، عمران خان به عوام جي طاقت سان اچي ويو آهي، سڀ طئي ڪري وٺن ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار سياست ۾ نه هوندو ۽ پاڪستان جي اندروني سياست جو سرچشمو هيءَ پارليامينٽ هوندي.
محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان چريا نه آهيون جو فوج ۽ ايجنسيون نه هجن پر انهن کي سياست کان توبه ڪرڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته ٺهراءُ منظور ڪيو وڃي، جن ججن مارشل لاءِ جي حمايت نه ڪئي انهن کي هيرو قرار ڏنو وڃي ۽ جن ججن مارشل لا جي حمايت ڪئي انهن جون پگھارون به واپس ورتيون وڃن.
You might also like