سوزوڪي گاڏيون مهانگيون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ سوزوڪي موٽرز پهرين مارچ کان گاڏين جي قيمتن ۾ 65 هزار روپين کان 1 لک 80 هزار روپين تائين واڌ ڪري ڇڏي.
ڪمپني ان حوالي سان سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو پر ان جا سبب نه ٻڌايا ويا آهن. ڪمپني پاران گاڏين جي قيمتن ۾ هلندڙ سال اها پهرين واڌ آهي، نيون قيمتون 1 مارچ 2024 کان لاڳو ٿينديون.
سرڪلر موجب الٽو وي ايڪس 80 هزار، الٽو وي ايڪس آر 95 هزار، الٽو ايڪس آر اي جي ايس 95 هزار، الٽو وي ايڪس ايل اي جي ايس 1 لک 10 گهزار مهانگي ٿي وئي.
ڪلٽس وي ايڪسي جي قيمت ۾ 14 هزار، ڪلٽس وي ايڪس ايل جي قيمت ۾ 1 لک 60 هزار روپيا واڌ ڪئي وئي آهي جڏه نته ڪلٽس اي جي ايس 1 لک 80 هزار روپيا مهانگي ٿي وئي آهي.
سرڪلر موجب سوئفٽ ايم ٽي جي ايل 85 هزار روپيا، سوئفٽ ايم ٽي جي قيمت 4336000 روپين کان وڌيڪ 4421000 روپيا ٿي وئي آهي. سوئفٽ جي ايل سي وي ٽي 65000 روپيا مهانگي ڪئي وئي آهي.
اهڙيءَ طرح سوئفٽ جي ايل ايڪس سي وي ٽي جي قيمت 85 هزار روپيا وڌائي وئي آهي.
سرڪلر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گاڏين جي نون اگھن ۾ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.