سٺي ننڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ته هي غلطيون نه ڪريو!

ننڊ اسان جي زندگي لاءِ گھڻي اهم آهي ڇو جو ان سان صحت تي نمايان اثر پوندا آهن.

طبي ماهرن پاران بالغ ماڻهن کي روز رات جو گھٽ ۾ گھٽ 7 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي.

پر هر ماڻهو ايترن ڪلاڪن جي ننڊ ناهي ڪري سگھندو جنهن جي ڪري جيئن جو تيئن صحت تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

حقيقت ۾ اسان جون ڪجهه عادتون يا غلطيون ننڊ جي کوٽ جو شڪار بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون آهن.

تنهنڪري اهڙين غلطين بابت ڄاڻيو جيڪي اوهان بستري تي وڃڻ کان اڳ ڪندا آهيو ۽ ان جي نتيجي ۾ ننڊ جي کوٽ جو شڪار ٿي ويندا آهن.

ذهن پُرسڪون نه ڪرڻ

جيڪڏهن بستري تي وڃڻ کان اڳ به اوهان ڪنهن ڪم بابت سوچي رهيا هوندا آهيو ته ان سان سٺي ننڊ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.

اسان جو جسم سڄو ڏينهن هڪ هارمون ڪارٽيسول ٺاهيندو آهي جيڪو ميٽابولزم، بلڊ پريشر ۽ سمهڻ، جاڳڻ جهڙن فعلن ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.

پر ان هارمون جو واڌو مقدار دٻاءُ وڌائڻ جو سبب بڻبو آهي.

صبح جي وقت جسم ۾ ان جو مقدار گھڻو هوندو آهي ته جيئن اسان ننڊ مان جاڳي سگھون جڏهن ته شام ۾ گھٽجي ويندو آهي ته جيئن سٺي ننڊ ڪري سگھون، پر جڏهن رات جو ان جو مقدار وڌيل هوندو آهي ته پوءِ ننڊ جي کوٽ ۽ بي خوابي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

گھڻي مقدار ۾ چانهه يا ڪافي جو استعمال

2023ع جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چانهه يا ڪافي ۾ موجود جُز ڪيفين جي گھڻي استعمال سان ننڊ متاثر ٿيندي آهي.

تحقيق موجب ڪيفين جي استعمال سان ننڊ جي وقت ۾ 45 منٽ گھٽتائي ٿيندي آهي ۽ انهيءَ ڪري محققن مشورو ڏنو آهي ته سمهڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڪافي يا چانهه جو استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪريو.

رات جو ورزش ڪرڻ

ورزش سٺي صحت لاءِ اهم هجي ٿي پر سمهڻ جي وقت کان اڳ ورزش ڪرڻ ننڊ ڦٽائي سگھي ٿو.

سمهڻ کان ڪجهه دير اڳ کائڻ جي عادت

تحقيق رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته سمهڻ جي وقت کان ڪجهه دير اڳ کائڻ سان ننڊ متاثر ٿيندي آهي.

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته کائڻ کان پوءِ 3 ڪلاڪن جي اندر سمهڻ سان رات جو جاڳڻ جي مسئلي کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.

هڪ ٻي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته سمهڻ کان ڪجهه دير اڳ کائيندڙ ماڻهو ننڊ جي کوٽ جو شڪار هوندا آهن.

سمهڻ کان اڳ ڪمپيوٽر، ٽي وي يا فون جو استعمال

سمارٽ فون، ڪمپيوٽر يا ٽي وي مان نيري روشني خارج ٿيندي آهي.

اها روشني جسماني گھڙي جي فعلن تي ناڪاري اثر وجهندي آهي ۽ ننڊ خراب ڪري ڇڏيندي آهي.

تنهنڪري سمهڻ کانگھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪلاڪ اڳ ڄاڻايل شيون جو استعمال نه ڪرڻ گھرجي.

سمهڻ جو شيڊول نه هجڻ

اسان جو جسم کي پنهنجو ريگوليٽري سسٽم هوندو آهي ۽ اندروني گھڙي ڏينهن جو ذهني طور تي چست رکندي آهي جڏهن ته رات جو ننڊ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪندي آهي.

روز مخصوص وقت تي سمهڻ ۽ صبح جو جاڳڻ سان اندروني گھڙي کي معمول برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.

پر جڏهن ننڊ جو ڪو وقت طئي نه هجي ته ان سان اندروني گھڙي جا فعل متاثر ٿيندا آهن ۽ ننڊ جو معيار به خراب ٿي ويندو آهي.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تحقيق تي ٻڌل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.