نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ هڪ شادي تقريب دوران ان وقت گوڙ شروع ٿيو، جڏهن نشي ۾ ڌت گهوٽ ڪنوار بدران ان جي دوست کي هار پارائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر پرديش جي شهر بريلي ۾ 26 ورهين جو نوجوان رويندر ڪمار پنهنجي ڄڃ وٺي دير سان پنڊال پهتو.
ڪنوار جي گهر ڀاتين طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر موجب گهوٽيتن واڌو ڏاج جو مطالبو ڪيو هو.
ڪنوار جي پيءَ موجب هنن شادي کان اڳ جي رسمن دوران اڍائي لک رپيا ۽ شادي جي صبح وڌيڪ ٻه لک رپيا ڏنا هئاپر گهوٽ جي خاندان لاءِ اهي ڪافي نه هئا.
گهوٽ مبينا طور نشي جي حالت ۾ پنڊال پهتو ۽ ڪنواريتن سان بدتميزي ڪئي.
ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته گلن جا هارا پارائڻ جي رسم کان ڪجهه دير اڳ تائين گهوٽ پنهنجي دوستن سان شراب پي رهيو هو، پوءِ هن هار ڪنوار کي پارائڻ بدران ان جي ڀرسان بيٺل دوست کي پارايو، اهو ڏسي 21 ورهين جي راڌا ديوي آپي مان نڪري وئي ۽ گهوٽ کي چماٽ هڻي اتان هلي وئي.
ان کانپوءِ ٻنهي خاندانن ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو ۽ ڌرين هڪٻئي کي ڪرسيون هنيون پر پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو ۽ ڄڃ کي واپس موڪلي ڇڏيو.
پوليس گهوٽ ۽ ان جي دوستن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ انهن خلاف ڪنوار جي ساک کي نقصان پهچائڻ ۽ امن خراب ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
گهوٽ خلاف ڏاج جي مطالبي تي به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like