پاڪستان سوزوڪي موٽر ڪمپني سوزوڪي آلٽو ۽ راوي جي ماڊلز جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
پاڪ ويلز موجب سوزوڪي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو ته اگهن ۾ اها تبديلي مارڪيٽ جي حالتن موجب پنهنجي گاڏين جي معيار ۽ حفاظت کي وڌائڻ جي عزم جو حصو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب آلٽو VXT MT جي قيمت 27 لک 7 هزار رپين مان وڌائي 28 لک 7 هزار رپيا ڪئي وئي آهي، قيمت ۾ هڪ لک رپيا واڌ ٿي آهي.
اهڙي ريت آلٽو VXR AGS جي قيمت ۾ 95 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 28 لک 94 هزارن مان وڌي 29 لک 89 هزار ٿي وئي آهي.
آلٽو VXL AGS جي قيمت ۾ به 95 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نئين قيمت 31 لک 40 هزار رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته راوي پڪ اپ جي قيمت هڪ لک رپيا وڌائي 19 لک 56 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.
سوزوڪي موجب نوان اگهه 25 فيبروري 2025 کان لاڳو ٿيندا.
Prev Post
You might also like