اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ ( فافن )پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين جي دعويٰ جي ترديد ڪري ڇڏي.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب شاهين جو چوڻ هوته فافن مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، موڊيز به پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان استحڪام نه ايندو.
ان بيان کانپوءِ فافن پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته ڪڏهن به اليڪشن ڪميشن کان استعيفيٰ جو مطالبو ناهي ڪيو، سياسي اڳواڻ آزاد سول سوسائيٽي گروپن کي پنهنجي سياست ۾ نه گهيلن.
فافن جو چوڻ هو ته سياسي اڳواڻ عوامي بيان ڏيڻ کان پهرين پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪن، فافن سمجهي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي چئلينج ٿيل تڪن جي ڪنهن به آڊٽ جي قيادت ڪرڻ گهرجي.
فافن موجب، آڊٽ ۾ آزاد مبصرن، سياسي پارٽين ۽ لاڳاپيل اميدوارن جي نمائندن کي به شامل ڪرڻ گهرجي.
You might also like