گھڻو وقت ويهي گذاريندڙ ماڻهو جلد مري وڃي ٿو: تحقيق

گھڻو وقت ويهي گذارڻ سان وقت کان اڳ موت جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
ڪيليفورنيا يونيورستي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏينهن جو 11 ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ وقت تائين ويهي وقت گذارڻ سان موت جو خطرو 30 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.
ان تحقيق ۾ 63 کان 99 ورهين جي عمر جي 6489 عورتن کي شامل ڪيو ويو هو.
تحقيق دوران 7 ڏينهن تائين عورتن جي ويهڻ ۽ جسماني سرگرمين جي وقت جو ڊيٽا ٽريڪنگ ڊوائيسز ذريعي گڏ ڪيو ويو.
ان کان پوءِ ڄاڻايل عورتن جو جائزو 8 سالن تائين ورتو ويو.
محققن ٻڌايو ته گھڻو وقت ويهي گذاريندڙ ماڻهو جسماني توانائي کي تمام گھٽ خرچ ڪندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پٺا، رت جو وهڪري ۽ گلوڪوز ميٽابولزم جي فعلن تي ناڪاري اثر پوندا آهن.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گھڻو وقت ويهي گذارڻ سان جسم ۾ رت جي گردش سست ٿي ويندي آهي، جڏهن ته گلوڪوز جي سطح گھٽجي ويندي آهي ۽ پٺا متاثر ٿيندا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته رڳو ورزش ڪرڻ باوجود به ويهي گذارڻ سبب ٿيندڙ ناڪاري اثرن کان مڪمل طور تي بچڻ ممڪن نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.