”فيملي سان بدتميزي“ جو نوٽيس، مريم نواز جو محمد عامر سان رابطو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جو حصو بڻجندڙ محمد عامر جي فيملي سان ڊپٽي ڪمشنر ملتان جي اڻوڻندڙ ورتاءُ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز نوٽيس ورتو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ محمد عامر سوشل ميڊيا ذريعي هڪ پيغام شيئر ڪندي ٻڌايو ته سندس فيملي سان پيش آيل واقعي تي هو حيران آهي ۽ اِها بدتميزي ڪنهن به ريت برداشت نه ڪئي ويندي.
محمد عامر جو چوڻ هو ته ملتان اسٽيڊيم م ڊپٽي ڪشمنر سندس فيملي سان بدتميزي ڪندي کين ميدان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ اِهو به چيو ته هي گرائونڊ سندس ملڪيت آهي.
واقعي کانپوءِ محمد عامر پاران لاڳاپيل انتظاميا ۽ پنجاب جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ کان فوري طور ڊپٽي ڪمشنر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو هو، جنهن جو مريم نواز نوٽيس ورتو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي محمد عامر پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هو پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو ٿورائتو آهي جنهن ملتان اسٽيڊيم ۾ سندس فيملي سان پيش آيل واقعي تي نوٽيس ورتو ۽ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي کيس ڪال ڪئي.
محمد عامر چيو ته ڊپٽي ڪمشنر سموريون غلط فهميون ختم ڪري ڇڏيون آهن، فاسٽ بالر مريم نواز جي قدم کي ساراهيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.