موسميات کاتي پاران برساتن جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن پاران انتظام مڪمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف آپريٽنگ آفيسر واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسد الله خان چيو آهي ته وڏي وزير جي هدايت تي واٽر ڪارپوريشن سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ برساتن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شابب برساتن کي نظر ۾ رکندي رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي.

سي او او واٽر ڪارپوريشن پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، وڏي وزير ۽ ميئر ڪراچي جي هدايت تي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.

واٽر ڪارپوريشن وٽ ٽوٽل 53 سَڪشن مشينون موجود آهن، جيڪي پهچايون ويون آهن، اهم رستن ۽ ڊيپ ايريا جي 30 مختلف جاين تي مشينون لڳايون وينديون. پاڻي نيڪال جي سڀني پمپ اسٽيشنن کي بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ جنريٽرز جي مدد سان جاري رکيو ويندو.

انجنيئر اسد الله خان چيو ته پمپنگ اسٽيشنن تي ڊيزل پهچايو ويو آهي جڏهن ته سمورو سيوريج عملو هاءِ الرٽ آهي ۽ انجنيئرنگ ونگ عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور افرادي قوت سان تيار آهيون جڏهن ته ڪي ايم سي سميت ٻين مڪاني کاتن سان رابطي ۾ آهيون.

هن چيو ته گذريل مهيني برسات ۾ واٽر ڪارپوريشن ڪي ايم سي سان گڏجي پاڻي نيڪال جي مسئلي کي فوري حل ڪرايو هو، واٽر ڪارپوريشن جو عملو 24 ڪلاڪ عوام جي خدمت لاءِ فرض انجام ڏيندو آهي.

هن شهرين کي اپيل ڪئي ته سڀاڻي غير ضروري چرپر کان پاسو ڪن ۽ عير ضروري گهرن مان نه نڪرن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.