قانون ٿو ٽوڙين! ايليسا هيلي گرائونڊ ۾ گهڙي آيل تماشائي کي پڪڙي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ايليسا هيلي اينڊريو سائمنڊز جي ياد تازي ڪري ڇڏي.
ايليسا هيلي ڀارت ۾ وومين پريميئر ليگ جي ميچ دوران ميدان ۾ گهڙي آيل همراهه کي پڪڙي ورتو.
يوپي واريئرز ۽ ممبئي انڊينز وچ ۾ ٿيل ميچ دوران هڪ تماشائي گرائونڊ ۾ گهڙي آيو جنهن کانپوءِ يوپي واريئرز جي ايليسا هيلي سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ همراهه کي پڪڙي ورتو.
ڀارت جي چنا سوامي اسٽيڊيم جي سيڪيورٽي اهلڪار فوري طور تي گرائونڊ ۾ داخل ٿيا ۽ ڄاڻايل همراهه کي پڪڙي ورتو.
ماضيءَ ۾ آسٽريليا جي ئي انڊريون سائيمنڊز به گرائونڊ ۾ گهڙي آيل شخص ائين پڪڙي سيڪيورٽي جي حوالي ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.