اسپيڪر، وزيراعظم ۽ صدر جي چونڊ جو بائيڪاٽ، فضل الرحمان پاران اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وزيراعظم ۽ صدر جي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته گذريل رات ن ليگ، پ پ، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جو وفد ملاقات لاءِ آيو هو جن سان سٺي گفتگو ٿي.
هن چيو ته سياسي اڳواڻن سان ذاتي لاڳاپا ۽ حجت آهي پر اسان جي پاليسي آهي ته اسان ووٽ نه ڏينداسين ۽ اپوزيشن جي سيٽن تي ويهنداسين.
سندس چوڻ هو ته جي يو آءِ پارليامينٽ جي ايندڙ ڪنهن ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندي، جنهن پارليامينٽ جو نتيجو عوام هٿ ۾ هجڻ بدارن اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾هجي ان جو حصو بڻجداسين.
هن وڌيڪ چيو ته اسان پارليامينٽ کي عوام جو نمائندو گهٽ اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو وڌيڪ سمجهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.