عطاءَ تارڙ اطلاعات،راڻا ثناءَ گهرو معاملن جو صلاحڪار؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)نوازشريف 7 سالن کانپوءِ پارليامينٽ پهتو، باڊي لئنگيج مان هو پراعتماد نظر آيو، چهري تي مرڪ هئي، هن  پارليامينٽ ۽ نئين حڪومت کي دعائون به ڏنيون،معيشت جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ به هن وٽ پلان آهي، صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته نوازشريف 2013ع جي جهٽڪي مان اڃا تائين ٻاهر ناهي نڪتو،ڌرڻن،عدالتي فيصلن تي هو پراڻي رام ڪهاڻي ٻڌائيندو رهيو، نوازشريف انهن طاقتن کي ٻڌائي ڇڏيو ته توهان مون کي ڪڍيو پر مان واپس اچي ويو آهيان ۽ پنهنجي ڀاءُ کي وزيراعظم بڻائي رهيو آهيان، وزيراعظم نه ٿيڻ وارو فيصلو سندس پنهنجو هو، نوازشريف جنهن ماحول ۾ ڪم ڪرڻ چاهي پيو اهو ماحول کيس نظر نه پيو اچي ان ڪري هن پنهنجي ڀاءُ کي نامزد ڪيو آهي، شهبازشريف کانپوءِ ٻيو اهم عهدو خواجا آصف کي ملندو، مسلم ليگ جي پارلياماني سياست ۾ اسحاق ڊار جو ڪردار اهم هوندو هو هن ڀيري سندس ناڻي وزير ٿيڻ تي شڪ شبها آهن،پهرين واضح هوندو هو ته ن ليگ جي حڪومت ايندي ته اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير ٿيندو پر هن ڀيري ايئن ناهي، هن حڪومت ۾ نوازشريف پاڻ اسٽيئرنگ تي ناهي، شهبازشريف گروپ حاوي ٿي ويو آهي،گهرو وزير لاءِ مختلف نالا سامهون اچي رهيا آهن، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته راڻا ثناءُ الله کي سينيٽر بڻايو ويندو، احسن اقبال جو نالو به غور هيٺ آهي پر هو منصوبابندي واري وزارت ۾ دلچسپي رکي ٿو،عطا تارڙ اطلاعات وارو وزير بڻايو ويندو،

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 29 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.