ڪراچي/لاهور(عوامي آواز نيوز) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو،ان ڪيس ۾ ٻين ٻن جوابدارن جو نالو ميڊيا تي ظاهر نه ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا زور لڳايا ويا، اهي جوابدار بحريا ٽائون جو سربراهه ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض ملڪ شامل آهن،صحافي انيس منصوري موجب ان ڪيس ۾ اڻ سڌي ريت نوازشريف به ملوث آهي،ڇو ته اهي پئسا ملڪ رياض نوازشريف جي پٽ حسين نواز کان فليٽ خريد ڪرڻ لاءِ مني لانڊرنگ ڪري موڪليا هئا، 190 ملين پائونڊ ٺڳي سان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا جيئن اهي پئسا واپس ملڪ رياض کي ملي وڃن، ان ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ڦاسايو پيو وڃي، ان سڄي معاملي ۾ 50 کان وڌيڪ گواهه آهن، ملڪ رياض کي واعده معاف گواهه بڻائي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن وقت هو دبئي ۾ پنهنجو سڄو ڪاروبار ڏسي رهيو آهي،ٻئي پاسي صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته 9 مئي واري واقعي سميت 190 ملين ڊالر واري ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشري بي بي کي سزا اچڻ واري آھي،ساڳئي ڪيس ۾ ملڪ رياض کي پڻ نه رڳو سزا ملندي پر سندس اثاثا به ضبط ٿيندا، سندس خلاف ڪارروائي جي شروعات لاھور بحريا ٽائون جي بجلي ڪٽي ڪئي وئي آھي.چونڊ نتيجن کان پوءِ به اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آھي، انھن ڳالھين ۾ ڪا به صداقت ناھي ته چونڊن کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ عمران خان سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي ھئي، 9 مئي واري واقعي کان پوءِ طاقتور قوت پاڪستان تحريڪ انصاف کي سياسي جماعت نه پر ڪا پابندي پيل دھشتگرد تنظيم سمجھي ٿي. ذريعن موجب ٻن مھينن جي اندر عمران خان کي بلوچستان ۾ واقع مچ جيل منتقل ڪيو ويندو پر ان کان اڳ ڪجھه وقت لاءِ کيس لاھور ۽ حيدرآباد جي جيلن ۾ پڻ رکيو ويندو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 29 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي