گوادر ۾ پاڻي ئي پاڻي بيٺل، هزارين ماڻهو ڦاٿل، کاڌي پيتي جو بحران

گوادر(م ڊ) گوادر ۾ طوفاني برساتن هر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي،گهرن، دڪانن، بازارن، پاڙن ۽ روڊن تي هر طرف پاڻي جمع ٿي ويو آهي.گوادر ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران 183 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي  ۽ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف مسلسل برسات سبب جيواڻي ۾ 3 بند ٽٽي ويا، ندين ۾ ٻوڏ اچڻ سبب سربند جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، پاڪ فوج پاران ريسڪيو آپريشن جاري آهي، متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن. امدادي ٽيمن کي گهربل مشينري فراهم ڪئي وئي آهي. ٻوڏ متاثر علائقن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي،کاڌي پيتي ۽ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي پيو آهي،هزارين ماڻهو اڃا تائين پنهنجن گهرن ۾ ڦاٿل آهن ۽ پاڻي ۾ راتيون گذارڻ تي مجبور آهن. گوادر جا ماڻهو ڊولپمينٽ جي نالي تي بند ٿيل ڊرينيج، ٽٽل روڊن، ايلي ويٽڊ ايڪسپريس وي ۽ مرين ڊرائيو جا اثر ڏسي رهيا آهن. ٻئي طرف زيارت، ٽوبه اچڪزئي، ٽوبه ڪاڪڙي ۽ ڪوزڪ ٽاپ ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي.بلوچستان جي نگران وڏي وزير گوادر ۽ ان جي پسگردائي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميا کي گڏيل قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. گوادر شهر کان علاوه ان جي آسپاس وارن علائقن سربندن ۽ جيواڻي ۾ به برسات سبب گهرن کي نقصان پهتو ۽ خانگي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي به نقصان پهتو. جڏهن ته ڪيترائي اهم روڊ ۽ مواصلاتي پليون پڻ ٽٽي ويون آهن. هوڏانهن نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته تيز برساتن ۽ ٻوڏ گوادر کي مڪمل پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. ماهيگيرن جي گهرن ۽ ٻيڙين کي به سخت نقصان پهتو آهي،فوري طور ريسڪيو آپريشن شروع نه ڪيو ويو ته ڪو وڏو الميو جنم وٺي سگهي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.