شهربانو نقوي محسن نقوي جي ڀاڻيجي آهي:ذريعا

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عربي لفظ پرنٽ ٿيل لباس واري معاملي تي مذهبي جنونين جي گهيري مان عورت کي بچائيندڙ لاهور جي  بهادر اي ايس پي سيده شهربانو نقوي رول ماڊل آهي، هن لاءِ قائد اعظم ميڊل جو اعلان ڪيو ويو آهي،آرمي چيف جي ساڻس ملاقات سندس جرئت جو اعتراف آهي، ان سان گڏوگڏ اهو انهن ماڻهن لاءِ به پيغام آهي جيڪي اهڙن اشوز تي سياست ڪن ٿا، سوشل ميڊيا تي ماڻهو عربي لفظ پرنٽ لکيل لباس رکي مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن،اعتراض ڪندڙن کي چپ ڪرائڻ به ضروري آهي، آرمي چيف جي بهادر اي ايس پي سان ملاقات رياست پاران مذهبي جنونين کي هڪ پيغام به آهي،سينئر صحافي عمر چيما جو چوڻ آهي رياست انتهاپسندي کي سختي سان منهن ڏيڻ جي پاليسي رکي ٿي.هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اي ايس پي شهربانو نقوي پنجاب جي اڳوڻي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي ڀاڻيجي آهي

لاهور ۾ عورت کي هجوم کان بچائيندڙ اي ايس پي سان آرمي چيف جي ملاقات

لاهور (م ڊ) آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اي ايس پي شهربانو نقوي سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي، ملاقات دوران آرمي چيف پاران اي ايس پي شهربانو جي بهادري  جي  واکاڻ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته عورتون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. زندگي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستاني عورتن قابليت ۽ محنت ذريعي پاڻ مڃرائي رهيون آهن، آرمي چيف وڌيڪ چيو ته عورتن جو احترام مذهب سان گڏ اسان جي سماجي قدرن ۾ شامل آهي . آرمي چيف وڌيڪ چيو ته شڪايتن ۽ تحفظن جي حل لاءِ قانوني رستو موجود آهي، جڏهن قانوني رستو آهي ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ نه گهرجي. ياد رهي ته 25 فيبروري تي پنجاب جي شهر لاهور ۾ عورت پاران عربي لفظن سان چٽيل ڪپڙا پائڻ تي هجوم پاران عورت تي مذهب جي توهين جو الزام لڳايو ويو هو ، جنهن کي عورت پوليس آفيسر شهربانو نقوي ڪارروائي ڪندي عورت کي بچائي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.