هڪ لک ووٽن جي ليڊ سان هارائيندڙ به احتجاج پيا ڪن: مراد علي شاهه

لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو ) وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو وزيراعليٰ سنڌ چونڊجڻ بعد ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو، سيد مراد علي  شاهه ايم پي اي سهيل انور سيال، مڪيش چاولا، خورشيد جوڻيجو ۽ ٻين سان گڏجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري، ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو تهسنڌ جي عوام ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون ڏياريون، سنڌ جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو جن پيپلز پارٽي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ نئين سوچ جي چونڊ ڪئي، پنهنجي ساٿين سان گڏجي سنڌ واسين جي خدمت ڪندا رهنداسين، سنڌ جي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس، چونڊن دوران اي ايس آءِ سلطان حسين شاهه ۽ حسن چانڊيو شهيد ٿيا جن جي لاءِ دعا ڪيان ٿو، تمام جلد شهيد سلطان حسين شاهه جي وارثن کي نوڪري ۽ جلد کان جلد معاوضو ڏيڻ جو اعلان به ڪيان ٿو، جيڪي ماڻهو لک لک ووٽن جي تعداد سان هارايو انهن وٽ پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ ايجنٽ به نه هئا، 8 فيبروري تي چونڊون ٿيون ۽ اسان 9 فيبروري کان ئي سنڌ جي عوام لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ستاري ۽ ڪتاب وارا هڪٻئي جي مدد ڪري رهيا هئا ۽ تير انهن مٿان ڳورو هو، منهنجي وزيراعليٰ شپ جي آخري ڏهاڙي تي صحافي جان محمد مهر کي شهيد ڪيو ويو جنهن تي سنڌ پوليس شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ۽ سنڌ حڪومت شهيد جي وارثن لاءِ معاوضي جو به اعلان ڪيو، مون پوليس کي هدايتون ڏنيون آهن جن قاتلن جي سڃاڻپ ٿي آهي انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، سنڌ ۾ اسان انفراسٽڪچر ۽ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جنهن سان سنڌ ۾ بهتري آئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري مون کي ۽ نامزد وزيراعظم شهباز شريف کي به چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪيو ويندو، آصف علي زرداري مارچ مهيني ۾ صدارتي حلف کڻي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ايندو، اسان وفاقي حڪومت جي ڪابينا ۾ نه ٿا وڃون پر انهن جي سپورٽ ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.