ڪمزور جمهوريت شاهراهه دستور تي ”يادگار دستور“ ٺاهڻ کان به لاچار!

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي گذريل سال شاهراهه دستور تي دستور باغ ۽ يادگار دستور قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو،وزيراعظم شهبازشريف ان جي منظوري به ڏئي ڇڏي هئي ،صحافي آصف بشير چوڌري موجب  ان تي هڪ اداري جو اعتراض اچي ويو ته هتي اسان جي آفيس آهي، هتي عام ماڻهو ايندا، هتي نه ٺاهيو، هي سيڪيورٽي پوائنٽ آهي،آئين جا  50 سال مڪمل ٿيڻ تي اسان جي جمهوريت ايتري ڪمزور آهي جو شاهراهه دستور تي هڪ پارڪ ٺاهي سگهي بعد ۾مجبوري پارليامينٽ لاجز ۾ هڪ ننڍڙي گرين بيلٽ ۾ اهو پارڪ ۽ يادگار دستور ٺاهي اڄ ان جو افتتاح ڪيو ويو، ان جاءِ جي چونڊ اسان پنهنجي مرضي سان نه ڪري سگهياسين، جمهوريت اسان جي قومي مفادن هيٺيان دٻجي وئي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 29 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.