سيوهڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) صوفي بزرگ حضرت سخي لعل شهباز قلندر جو 772 هون ساليانو عرس مبارڪ اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، تياريون مڪمل، لکن جي تعداد ۾ پانديئڙا سيوھڻ پھچي ويا، دڪانداري سجي وئي، درگاھ قلندر لعل شھباز مزار کي چراغان سان سجايو ويو، ھر گھٽي ۾ دمادم مست قلندر جون صدائون بلند، سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت، تفصيل موجب عظیم صوفي بزرگ حضرت سخي لعل شهباز قلندر جو 772 هون ساليانو عرس مبارڪ اڄ کان شروع ٿي ويو، تياريون مڪمل ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عقيدتمند پانديئڙا سيوهڻ پھچي ويا جنھن ۾ سنڌ صوبي سان گڏ پنجاب صوبي جي مختلف ضلعن جي پانڌيئڙن جو وڏو انگ شامل آھي قلندر جي نگري جي ھر گھٽي ۽ رستن تي زائرين دھلن تي قلندري دھمالون ھڻي دمادم مست قلندر جون صدائون بلند ڪندي پنھجي عقيدت جو اظهار ڪري رھيا آھن ۽ مقدس نگري ۾ دوڪانداري پڻ سجائي وئي آھي جڏهن ته شھر اندر ننڍن وڏن مختلف ڪاروباري ماڻھن پاران دڪانن واري بازارن کي سجايو ويو آھي جنھن سبب شھر خوبصورتي جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي جڏهن ته ميلي اندر جھولا، سرڪس، ڦرڻيون ۽ موت جا کوھ به ميلي جو مرڪز بڻيل آهن ٻئي طرف درگاھ قلندر لعل شھباز جي مزار کي رنگين بلبن سان چراغان سان سجايو ويو، جڏھن ته شھر اندر سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا، وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن سان گڏ رينجرس اسپيشل برانچ، ڊي آئي پي برانچ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سيوهڻ ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ لاءِ پھچي ويا آھن ۽ شھر جي مختلف چونڪن تي پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن ۽ زائرين جي چيڪنگ واري عمل ۾ تيزي پڻ آندي وئي آھي ۽ شھر اندر رينجرس ۽ پوليس موبائلن جو گشت به جاري آهي.
گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي سيوهڻ پهچڻ جو امڪان
سيوھڻ: حضرت لعل شھباز قلندر جو 772 ھين عرس مبارڪ جي شروعات اڄ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چادر چاڙهڻ واري رسم ادا ڪرڻ لاءِ سيوھڻ پھچڻ جا امڪان آھن جڏھن ته ميلا ڪاميٽي انتظاميا پاران پھرين ڌمال کان آخري ڌمال تائين ملاکڙو جاري رھندو ۽ شھباز آڊيٽوريم ۾ پھرين ڌمال واري رات تي سگھڙن جي ڪچھري 2 ڌمال تي ادبي ڪانفرنس ۽ آخري ڌمال واري رات تي محفل موسيقي جو پروگرام رکيو ويو آھي جنھن ۾ سنڌ جا نالي وارا فنڪار ۽ فنڪارائون پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا ۽ ميلي جي ٽنھي ڌمالن تي بھترين ڪارڪردگي جي بنياد تي شھباز ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا.
عرس موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت
سيوھڻ:صوفي بزرگ حضرت قلندر لعل شهباز جو 772 هون ساليانو عرس مبارڪ ۾ پوليس سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا سيوهڻ شھر کي 8 زون ۾ ورهايو ويو، عرس مبارڪ ۾ ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز جي سربراهي ۾ 5000 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا ۽ سيڪيورٽي جي لاءِ 2 اي ايس پي 26 ڊي ايس پي 60 انسپڪٽر، 146 سب انسپيڪٽر ۽ 345 اي ايس آئيز ڊيوٽي تي موجود هوندا ،شھر اندر 200 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون آهن جنھن جو ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي جڏھن ته زائرين کي مزار اندر داخل ٿيڻ لاءِ واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، ضلعي انتظاميا پاران عرس مبارڪ دوران انڊس هاءِ وي روڊ تي هيوي ٽريفڪ تي 144 لاڳو ڪندي مڪمل پابندي ڪئي وئي آهي جڏهن ته درياهن ۽ شاخن تي زائرين کي وھنجڻ کان روڪڻ لاءِ ساڳيو ئي قلم رکيو ويو.