اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو ايوان اڃا مڪمل ناهي ٿيو، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اليڪشن ڪميشن خلاف رولنگ جاري ڪري.
قومي اسمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري تقريب کانپوءِ ايوان ۾ خطاب ڪندي بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي 60 ۽ اقليتن جون 10 سيٽون آهن.
هن چيو ته هن وقت قومي اسيمبلي جو ايوان اڻپورو آهي، جيستائين ايوان مڪمل نٿو ٿئي قومي اسيمبلي جو اجلاس تيستائين ملتوي ڪيو وڃي.
بئريسٽر گوهر دعويٰ ڪئي ته عوامي مينڊيٽ موجب، تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوارن جو انگ 186 آهي، اسپيڪر کان درخواست آهي هو اليڪشن ڪميشن خلاف به رولنگ جاري ڪري.
You might also like