علائقائي ۽ عالمي سطح تي چئلنيجن کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو: ٻي گلوبل ريسرچ ڪانگريس

ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پاران منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري ٻي گلوبل ريسرچ ڪانگريس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو آهي ته دنيا جون قومون ماحولياتي تبديلي، غربت، سماجي مسئلن ۽ دهشتگردي سميت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيون آهن، ان ڪري علائقائي ۽ عالمي سطح تي اسان کي گڏجي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ ريسرچ اسڪالرن کي پنهنجي تحقيق ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو.
هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر مختيار احمد سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ سندس ٽيم کي انتهائي اهم گلوبل ريسرچ ڪانگريس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن ڪانگريس ۾ شرڪت ڪري کيس خوشي ۽ فخر ٿي رهيو آهي.
افتتاحي اجلاس کي ورچوئلي خطاب ڪندي ايڇ اي سي چيئرمين چيو ته هيءَ ڪانگريس هڪ انتهائي اهم قدم آهي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي ٻن بهترين دوست ملڪن چين ۽ ترڪي جا قونصل جنرل ٻين ڏيهي ۽ پرڏيهي مهمانن سان گڏ شرڪت ڪري رهيا آهن، ان ڪري اسان سڀني کي انسانيت کي درپيش چيلينجز جي اجتماعي حل لاءِ سوچڻو پوندو.
هن چيو ته هيءَ ڪانگرس ايس ايم يو آءِ جي زندگي ۽ تاريخ ۾ سڀ کان اهم ڪانگريس آهي، جيڪا محققن، استادن ۽ شاگردن کي تحقيق جي شعبي ۾ موقعا فراهم ڪري رهي آهي، ان کان علاوه مختلف علائقن ۽ ملڪن مان شرڪت ڪندڙ هڪ ٻئي جي تجربن، علم ۽ تحقيقي ڪم مان سکندا، هيءَ ڪانگريس مستقبل ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ شرڪت ڪندڙ عالمن وچ ۾ هڪ نيٽ ورڪ پڻ قائم ڪرائيندي.
ايڇ اي سي چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته ڪانگريس هڪ روڊ ميپ سان ان نتيجي تي پهچندي ته اسان ڪيئن مختلف شعبن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون ڪري سگهون ٿا.
هن سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي صلاح ڏني ته هو ڪانگريس جي روڊ ميپ ۽ نتيجن کي ايڇ اِي سي پاڪستان سان شيئر ڪري ته جيئن اهي اعليٰ تعليم ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ حڪمت عمليون جوڙي سگهن.
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي خطاب ۾ روس، آمريڪا، برطانيه، ويٽنام، گڏيل عرب امارات ۽ ملڪ جي ٻين حصن مان آيل مهمانن کي ٻي گلوبل ريسرچ ڪانگريس ۾ شرڪت تي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته گذريل سال پنجن بين الاقوامي ڪانفرنسن سان گڏ ڪانگريس کي منظم ڪرڻ يونيورسٽي جي نوجوان ۽ متحرڪ فيڪلٽي ميمبرن جو خيال ۽ خواب هو، گذريل سال پهرين گلوبل ريسرچ ڪانگريس منعقد ڪئي وئي، هي ان سلسلي جي ٻي ڪانگريس آهي، جنهن ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن مان عالمن جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪري رهيو آهي.
ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته هي گلوبل ريسرچ ڪانگريس پاڪستان ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو هڪ برانڊ آهي، ان ڪري ان جا سٺا نتيجا نڪرندا، جنهن مان سڄي قوم ۽ ملڪ توڙي عالمي سطح تي فائدو ٿيندو، هن ڪانفرنس جي نتيجن کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان حصيدار ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ چين جي قونصل جنرل يانگ يونڊونگ چيو ته 2017ع ۾ پهرين چيني يونيورسٽي پاڪستان-چائنا ڪوريڊور جي شروعات ڪئي پر اڄ 16 چيني يونيورسٽيون پاڪستاني يونيورسٽين سان الحاق ڪري رهيون آهن، جن مان ڪجهه اردو ٻولي به سيکاري رهيون آهن، چين پاڪستان سان گلوبل وارمنگ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي، سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن لاءِ پڻ هڪ جامع منصوبو آهي، جنهن کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ ترڪي جي قونصل جنرل جمال سانگو چيو ته ترڪي جو سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي سان تمام گهڻو تاريخي ۽ جذباتي لاڳاپو آهي، ڇاڪاڻ ته سلطنت عثمانيه جي سلطان عبدالحميد سنڌ مدرسته الاسلام جي باني حسن علي آفندي کي ترڪي جا ٻه اعليٰ ترين سول اعزاز ”بي“ ۽ ”افندي“ سنڌ ۾ جديد تعليم لاءِ سندن خدمتن کي سان گڏ روس سان جنگ ۾ ترڪي جو ساٿ ڏيڻ سبب عطا ڪيا هئا.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ٻي گلوبل ريسرچ ڪانگريس جي افتتاحي اجلاس کي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، چين جو قونصل جنرل يانگ يونڊونگ، ترڪ قونصل جنرل مسٽر جمال سانگو، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ نور احمد سمون، برطانوي اسڪالر ڊاڪٽر شجره الدار، آمريڪي اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر ڪيٿ، روسي اسڪالر ڊاڪٽر ڊاڪٽر سولنسشڪنا ماريانا اوانوونا، ڪانگريس جو ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ ۽ ڪانگريس جي سي اِي سي جي ميمبر محترمه قرت العين نذير خطاب ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته هو جلد حيدرآباد ۾ حسن علي آفندي جي مزار تعمير ڪرائيندو، گلوبل ريسرچ ڪانگريس پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ تحقيق جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
سنڌ حڪومت جي يونيورسٽين ۽ بورڊز جي سيڪريٽري نور احمد سمون چيو ته هي هڪ منفرد ۽ مختلف گلوبل ريسرچ ڪانگريس آهي، ان ڪري ان تي عمل درآمد لاءِ سنڌ حڪومت کي قابل عمل سفارشون ضرور پيش ڪيون وينديون، سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي، جيڪو اعليٰ تعليم جي اهميت کي ملڪ جي ٻين صوبن کان وڌيڪ سمجهي ٿو.
تقريب کي گلوبل ريسرچ ڪانگريس جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته تقريب جي ڪارروائي سي اِي سي جي ميمبر قرة العين نذير هلائي.

ان کان اڳ ڪانگريس جو افتتاح چين جي قونصل جنرل يانگ يونڊونگ، ترڪ قونصل جنرل مسٽر جمال سانگو، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ نور احمد سمون، روسي اسڪالر ڊاڪٽر سولنسشڪنا ماريانا اوانوونا،  آمريڪي اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر ڪيٿ، برطانيه جي اسڪالر ڊاڪٽر شجره الدار ۽ ٻين دنيا جو گولو روشن ڪري ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر صحرائي مهمانن کي سووينئر پڻ ڏنا.

افتتاحي تقريب ۾ مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن، تعليمي ماهرن، مختلف شعبن جي ماهرن، فيڪلٽي، اسٽاف ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.