لاهور قلندرز پاڪستان سپر ليگ جي پلي آف مرحلي ۾ پهچي سگهي ٿي پر ڪيئن؟

پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي، لاهور گذريل رات ملتان سلطانز خلاف 60 رنسن تان ميچ جيڪا قلندرز جي لاڳيتي ڇهين شڪست هئي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پاڪستان سپر ليگ جي آخري ميچ ۾ ملتان سلطان لاهور قلندرز کي 215 رنسن جو هدف ڏنو جنهن جي جواب ۾ لاهور جي ٽيم 60 رنسن تان ميچ هارائي وئي.
ان اهم مقابلي ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم ٿڪل ۽ مايوس نظر آئي ۽ اِها صورتحال مئنيجمينٽ لاءِ به پريشان ڪندڙ آهي ته جيڪا ٽيم مسلسل ٻه ڀيرا پي ايس ايل جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي هن واري هڪ ميچ کٽڻ لاءِ سڪي رهي آهي.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ سمورين ٽيمن کي ڏهه ، ڏهه ميچون کيڏڻيون آهن، هنيئر تائين رڳو ٻن ٽين ڇهه، ڇهه ميچون کيڏيون آهن، پوائنٽس ٽيبل تي ملتان سلطانز 10 پوائنٽن سان پهرئين ۽ مسلسل ڇهين شڪست کانپوءِ لاهور قلندرز آخري پوزيشن تي موجود آهي.
ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ پشاور زلمي جي ڇهن، ڇهن پوائنٽن ترتيبوار ٻي ۽ ٽين پوزيشن آهي.
في الحال لاهور قلندرز جي ٽيم لاءِ پلي آف مرحلي ۾ پهچڻ جو رستو ڏکيو بڻجي ويو آهي، پر لاڳيتو ٻه ڀيرا چيمپيئن رهندڙ ٽيم وٽ هاڻي به چوٿين پوزيشن حاصل ڪري پلي آف مرحلي ۾ جاءِ ٺاهڻ جو موقعو موجود آهي.
پلي آف مرحلي ۾ ايونٽ جي سرفهرست چار ٽيمن ڪواليفاءِ ڪرڻو آهي جنهن کانپوءِ هڪ ڪواليفائير ۽ ٻن ايليمنيٽر ميچن کانپوءِ ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ فائنل کيڏيو ويندو.
لاهور قلندرز هاڻي به ٽاپ فور ۾ جاءِ ٺاهي سگهي ٿي، جيڪڏهن ان باقي بچيل چار ئي ميچون کٽي ورتيون ته ان جو اٺ پوائنٽون ٿي وينديون، پر ان لاءِ قلندرز کي ٻين ٽيمن جي نتيجن تي به ڀارڻو پوندو.
هن وقت اسلام آباد يونائيٽڊ چار ميچون کيڏي رڳو ٻه پوائنٽون حاصل ڪري سگهي جڏهن ته ڪراچي ڪنگز جو ٽن ميچن مان ٻه کٽي چئن پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل چوٿون نمبر آهي.
ڪراچي ۽ اسلام آباد ٽيمن وچ ۾ 28 هين فيبروري تي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ هڪ اهم ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ ڪاميابي سان ميزبان ٽيم جون ڇهه پوائنٽون ٿي وينديون، جڏهن ته اسلام آباد ميچ ۾ فتح سان ڪراچي سان ڪلهو ملائي سگهي ٿي.
خميس ڏهاڙي ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئٽرز وچ ۾ ميچ شيڊيول آهي جنهن ۾ ڪوئيٽا جي ڪاميابي سان لاهور کي فائدو ٿيندو، جيڪڏهن ڪراچي جي ٽيم اِها ميچ هارائي وئي ته پوائنٽ ٽيبل تي سندس ترقي کي بريڪ لڳي ويندي، ان کانپوءِ هڪ ڏينهن جي وقفي کانپوءِ جڏهن ٻه مارچ تي راولپنڊي ۾ ليگ جون ميچون شروع ٿينديون ته پوائنٽ ٽيبل جي صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي.
ماهرن موجب، لاهور قلندرز وٽ هاڻي وڌيڪ ميچون هارائڻ جي گنجائش نه آهي، هڪ به شڪست قلندرز ٽورنامينٽ جو سفر تمام ڪري سگهي ٿي.
ان کانسواءِ لاهور قلندرز جيڪڏهن ٽئي ميچون کٽي ڇهه پوائنٽون حاصل ڪري به ورتيون ته سندس قسمت جو فيصلو رن ريٽ جي بنياد تي ٿيندو، جيڪو هن وقت ايونٽ جي تمام ٽيمن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان خراب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.