ڪترينا ڪيف مداحن کي جلد ئي ماءُ بڻجڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ سندس مڙس اداڪار وڪي ڪوشل پنهنجي گهر جلد ننڍڙي مهمان جي آمد جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب،ان کان اڳ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ڪترينا ۽ وڪي جي گهر ۾ پهرئين ٻار جي آمد جو امڪان آڪٽوبر يا نومبر ۾ آهي، جڏهن ته هاڻ جوڙي طرفان ان حوالي سان باظابطا تصديق ڪئي وئي آهي.
ڪترينا انسٽاگرام تي مڙس سان گڏ تصوير شيئر ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي مداحن کي زندگي جي بهترين دور جي شروعات بابت آگاهه ڪيو.
واضح رهي ته ڪترينا جي ڳورهاري هجڻ بابت ڪيترن مهينن کان افواهه گردش ڪري رهيا هئا ۽ ان دوران هوءَ مڪمل طور تي لائم لائيٽ کان پري رهي هئي.
پرڏيهي ميڊيا جو اهو به چوڻ آهي ته ڪترينا ڪيف ٻار جي پيدئش کانپوءِ فلمن کان ڊگهو وقفو وٺندي.
ياد رهي ته ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل 9 ڊسمبر 2021ع تي راجسٿان ۾ شاندار تقريب دوران شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.