ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا کي ڊجيٽل ڪيو ويو ۽ هاڻ ڪابينا اجلاس ۾ فائلن بدران آءِ پيڊ نظر ايندا.
سنڌ ڪابينا جي سڀني ميمبرن کي آءِ پيڊ فراهم ڪيا ويا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هاڻ ڪابينا اجلاس ۾ فائلن بدران آءِ پيڊ هوندا، اڳتي اجلاس ۾ ڪنهن ميمبر جي هٿ ۾ ڪو فائل نه هوندو، سڀني فائلن کي ڊجيٽل ڪيو ويو آهي ۽ سمورا فائل ميمبرن کي فراهم ڪيل آءِ پيڊز تي هوندا.
هن چيو ته ميميبرن کي ڪابينا جي مڪمل ايجنڊا انهن جي آءِ پيڊز تي ڏني ويندي.
You might also like