ايپل پاران لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي کان اليڪٽرڪ گاڏيءَ جي تياري تي ڪم ڪيو پئي ويو پر هاڻي ان منصوبي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب ڪمپني ان فيصليجو اعلان 27 فيبروري تي اندروني طور تي ڪيو ان منصوبي تي ڪم ڪندڙ 2 هزار ماڻهن کي ان اعلان حيران ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب ملازمن کي ان فيصلي سان چيف آپريٽنگ آفيسر جيف وليمز ۽ منصوبي جي سربراهه ڪيون لِنچ آگاهه ڪيو.
ٻنهي پاران ملازمن کي ٻڌايو ويو ته پراجيڪٽ تي ڪم جيئن جو تيئن ختم ڪيو ويندو ۽ ان جي تياري ۾ مصروف ماڻهن کي هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويندو.
ڪمپني پاران هاڻي اي آءِ منصوبن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو.
ايپل پاران منصوبي تي ڪم روڪڻ جي رپورٽ تي ڪمپني جي شيئر جي قيمت ۾ 1 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي.
ان منصوبي کي پراجيڪٽ ٽائٽن جو نالو ڏنو ويو هو ۽ ان تي 2014ع ۾ ڪم شروع ٿيو هو.
ان منصوبي تحت اهڙي اليڪٽرڪ گاڏي تيار ٿيڻي هئي جيڪا پاڻ ڊرائيونگ ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هجي.
پر شروع کان ئي منصوبي ڏکيائين کي منهن ڏنو ۽ ان ۾ ڪيترائي ڀيرا تبديليون ڪيون ويون.
ان منصوبي تي ڪروڙين ڊالرز خرڇ ڪيا ويا هئا پر ڪمپني جي عهديدارن کي خدشو هو ته گاڏي مارڪيٽ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھندي ڇو جو هاڻوڪن مهينن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي گھرج ۾ گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي هئي.
You might also like