مراد علي شاهه جي آءِ جي پوليس کي 25 هزار خالي جاين تي ڀرتي جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پوليس پيٽرولنگ کانسواءِ گاڏين جي فليش لائٽس تي پابندي هڻي ڇڏي.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير آءِ جي کي حڪم ڏيندي چيو ته روڊن تي هٿيارن جي نمائش بلڪل بند ڪرايو، اڄڪلهه گاڏين ۾ گارڊ ويهاري هٿيارن جي نمائش ڪئي ويندي آهي.
وڏي وزير 708 پوليس اسٽيشنز جي تعمير لاءِ ٻه ارب رپين جي منظوري ڏني ۽ چيو ته اهي فنڊ ٿاڻن جي تعمير تي صحيح طريقي سان خرچ ٿيڻ گهرجن.
هن آءِ جي سنڌ کي 25 هزار خالي جايون ڀرڻ ۽ پوليس ۾ ڀرتيون رڳو ميرٽ تي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.