اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته مون کي لڳي ٿو ايندڙ ڏيڍ ٻه سال ڏکيا هوندا، اسان پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين.
ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي واڌايون پيش ڪيان ٿو، ڀرپور مقابلي کانپوءِ توهان هتي پهتا آهيون.
هن چيو ته پنهنجي دور ۾ هنن بدتهذيبي جو مظاهرو ڪيو، قوم ۽ ٻارن کي اهڙيون ڳالهيون نه سيکاريو، سياست ضرور ڪيو پر پاڪستان ۽ نظام کي خطري ۾ نه وجهو.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جن جي ذهنيت اڄ تائين مون کي سمجهه ۾ ناهي آئي، اهي ڌانڌلي ۽ 35 پنڪچر جو گوڙ ڪندا رهيا، اسان تي ظلم ڪيو ويو، نقصان ن ليگ ۽ نواز شريف کي نه ملڪ کي پهچايو ويو.
نواز شريف چيو ته توهان جڏهن به کٽيندئو ته انهن جو رويو ائين ئي هوندو، جڏهن اسان جي پارٽي 2013 ۾ کٽي هئي ته مان پي ٽي آءِ باني جي گهر ويو هيس، بني گالا ويس ۽ طئي ڪيو ته اسان گڏ هلنداسين.
You might also like