ابوظهي ٽيسٽ: مارڪ ايڊائر جي خطرناڪ بالنگ، افعان ٽيم پهرين اننگز ۾ 155 رنسن تي ڍير

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان جي ٽيم آئرلينڊ خلاف واحد ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن پنهنجي پهرين اننگز ۾ 155 رنسن آل آئوٽ ٿي وئي، جواب آئرلينڊ پهرين اننگز ۾ ڏينهن پڄاڻي تائين چئن وڪيٽن جي نقصان تي 100 رنسون ٺاهي ورتيون.
ابوظهي جي ٽولرينس اول اسٽيڊيم ۾ آئرلينڊ خلاف واحد ٽيسٽ ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سموري ٽيم 155 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
افغانستان جا 7 رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا، ابراهيم زادران 53 ۽ ڪريم جنت 41 رنسن سان اڳڀرا رهيا، جڏهن ته ڪپتان حشمت الله شاهدي 20 ۽ ضياءَ الرحمان 12 رنسون ٺاهيون.
آئرلينڊ جي مارڪ ايڊائر شاندار بالنگ ڪندي پنج وڪيٽون حاصل ڪيون.
آئرلينڊ پنهنجي پهرين اننگز ۾ ڏينهن جي پڄاڻي تائين چئن وڪيٽن جي نقصان تي 100 رنسون ٺاهي ورتيون هيون، آئرش ٽيم کي افغانستان جي برتري ختم ڪرڻ لاءِ اڃا 55 رنسون گهربل آهن، ڪرٽس ڪيمفر 49، پيٽر مور 12 رنسون ٺاهيون، افغانستان جي نويد زادران ۽ ضياءَ الرحمان ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون، هري ٽڪٽر 32 ۽ پائول اسٽرلنگ 2 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.