آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جا ڏنل ٽاسڪ پورا ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين.
ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته وڏو وزير چونڊڻ تي اسيملبي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، اسان بلاول ڀٽو جي منشور تي ڪم ڪنداسين، مان ڪوشش ڪندس ته صوبي جي خدمت لاءِ جلد ٽيم ٺاهيان.
هن چيو ته مان آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جا ڏنل ٽاسڪ پورا ڪندس، ٻوڏ متاثرن جي بحالي پهرين ترجيح آهي، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي تي به ڪم ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کان غافل ناهيون، سنڌ جو عوام ڏسي رهيو آهي ته ڪير تڪليف ۾ انهن سان گڏ هوندو آهي، اسان قائد اعظم جي اصولن موجب هلي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.