ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي، عملي جون موڪلون رد، سڀني کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي کي ڏسندي ڪي ايم سي لاڳاپيل کاتن جي عملي جون موڪلون رد ڪندي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ڪراچي جي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ برسات جي اڳڪٿي کي ڏسندي عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون.
سلمان عبدالله مراد چيو ته ميونسپل سروسز ۾ ايمرجنسي ڊيسڪ قائم ڪئي وئي آهي، مشينري ۽ پمپس کي درست حالت ۾ رکيو وڃي.
هن چيو ته برسات جي صورت ۾ روڊن تان پاڻي جي نيڪالي فوري طور تي شروع ڪئي وڃي.
هوڏانهن ميئر مرتضيٰ وهاب به ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي کي ڏسندي ڪي ايم سي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون آهن.
مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته برسات کان اڳ نالن جي صفائي يقيني بڻائي وڃي، ڪچرو صاف ڪيو وڃي، برسات دوران شهرين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف پيش نه اچي.
هن چيو ته مشينري فعال هجڻ گهرجي، ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.