ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل جي جوابدار کي 3 ڀيرا موت جي سزا جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي عدالت ننڍڙي ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي 3 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
جوابدر نديم نصير خلاف باغبان پورا ٿاڻي پوليس 2020 ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، سرڪاري وڪيل موجب جوابدار زيادتي کانپوءِ ٻارڙي جو لاش ڦٽو ڪري ڇڏيو هو، مقتولا جا جوتا ۽ رئو جوابدار جي گهر مان برآمد ٿيو.
ايڊيشنل سيشن جج عائشا امتياز ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 3 ڀيرا موت جي سزا ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.