ڪراچي ۾ پي ايس ايل جون ميچون، ٽريفڪ پوليس پاران اهم هدايتون جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي ميچن لاءِ ٽريفڪ پوليس انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
ٽريفڪ پوليس موجب، ڪراچي ۾ ميچن دوران ڪو به روڊ ٽريفڪ لاءِ بند نه ٿيندو، تماشائي چائنا گرائونڊ ۾ گاڏيون پارڪ ڪري ڪندا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ميچن دوران هيوي ٽريفڪ جي سهراب ڳوٺ کان نيپا ۽ لياقت آباد نمبر 10 کان حسن اسڪوار واري پاسي داخلا بند هوندي، ان کانسواءِ پيپلز چورنگي کان يونيوسٽي روڊ طرف ۽ ڪارساز کان اسٽيڊيم، ملينئم شاپنگ مال کان نيو ٽائون طرف هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي بندش هوندي.
ٽريفڪ پوليس موجب، پي ايس ايل ميچن دوران اسٽيڊيم سگنل کان حسن اسڪوائر طرف به هيوي ٽريفڪ جي داخلا بند هوندي.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ پاڪستان سپر ليگ جون ميچون اڄ کان شروع ٿي رهيون آهن، اڄ نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ ميچ شيڊيول آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.