اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان جو ٻه ارب ڊالر قرض رول اوور ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان چين کان 2 ارب ڊالر 7.1 سيڪڙو وياج جي شرح تي اوڌار ورتا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي اها رقم مارچ جي آخري هفتي ۾ واپس ڪرڻي هئي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان گذريل سال رول اوور تي ورتل قرض تي وياج جي مد ۾ 26.6 ارب رپيا ادا ڪيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن کان قرض ورتو آهي.
You might also like