اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت ايندي ئي معيشت کي ٺيڪ ڪندي.
پارليامينٽ آمد جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته خواهش آهي ته هر اسيمبلي، سينيٽ ۽ وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ڪري.
هن چيو ته ڪو مسئلو ناهي، حڪومت ايندي ئي معيشت کي ٺيڪ ڪندي، ڇو ته معيشت سان سمورا معاملا جڙيل آهن، حڪومت معيشت کي ٺيڪ ڪندي ته سڀ صحيح ٿي ويندو.
اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ سياسي عدم استحڪام جي ڪائي ڳالهه ناهي، انشاءَ الله سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو.
You might also like