بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو.
بلوچستان جي 12هين اسيمبلي جو پهريون اجلاس اربع تي ٿيو، صوبائي اسيمبلي اجلاس لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا.
اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جان محمد جمالي علالت سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، تنهن ڪري بلوچستان جي گورنر طرفان نئين چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر زمرڪ خان اچڪزئي کي پريزائيڊنگ نامزد ڪيو ويو.
بلوچستان اسيمبلي جي 57 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، زمرڪ خان اچڪزئي ميمبرن کان حلف ورتو.
ڄام ڪمال خان، صادق سنجراڻي، سردار اختر مينگل ۽ سرفراز بگٽي حلف برداري لاءِ اسيمبلي نه پهتا.
واضح رهي ته بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.