ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال کانپوءِ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي به مبينا آڊيو وائرل ٿي وئي .
مبينا آڊيو ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته هو چئي رهيا آهن ته اسان جو مينڊيٽ سئو سيڪڙو جعلي آهي، جنهن تي اسان چيو آهي ته ڪجهه اهڙيون پارٽيون به آهن جن جو 2 سئو سيڪڙو جعلي مينڊيٽ آهي ۽ اسان جو اشارو ان طرف ئي هيو.
سندس چوڻ هو ته هاڻي فيصلو رابطا ڪميٽي کي ڪرڻو آهي ته اسان ڪيتري حد تائين سندن دٻاءُ ۾ اچون ٿا، ٻنهي پارٽين جي پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ آهي هاڻي سندن نمبر پورا ٿي ويا آهن، انهن کي صدر، سينيٽ چيئرمين ۽ ٻه گورنرز ڏنا ويا آهن.
هن چيو ته پيپلز پارٽي، ن ليگ تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته سنڌ جي گورنرشپ ايم ڪيو ايم کي نه ڏني وڃي، هاڻي گورنرشپ بابت فيصلو ايم ڪيو ايم کي ڪرڻو آهي، انهن جي ڊڪٽيشن تي ناهي هلڻو.
ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته حڪومت ۾ شامل ٿيڻ عيوض هڪ وزارت ڏئي رهيا آهن، هو سنڌ لاءِ پنهنجو گورنر آڻي رهيا آهن، ڪجهه ملي به نه ۽ حڪومت ۾ شامل ٿياسين ته حشر اڃا برو ٿيڻ وارو آهي.
هن چيو ته اسان ته پي ٽي آءِ حڪومت سان گڏ هئاسين، پ پ ۽ ن ليگ اپوزيشن ۾ هيون، اسان پي ڊي ايم جو ساٿ ڏنو جنهن سبب ووٽر ناراض ٿي ويا، پهريان اسان کي ست سيٽون مليون هيون اِهو اسان جو ووٽ بئنڪ هو، اڄ اسان کي ووٽ نه مليو.
ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته هو هڪ همراهه کي گورنر بڻائڻ چاهن ٿا، ان همراهه جو نالو خالد مقبول ڄاڻي ٿو.
ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪامران ٽيسوري حڪومت سازي لاءِ ٿيندڙ ڳالهين بابت رابطا ڪميٽي کي آگاهي ڏئي رهيو جتي هن اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون آهن.
ذريعن موجب، سنڌ جي گورنرشپ واري معاملي تي پ پ ، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ خدشا آهن، ڪجهه ماڻهو چاهن ٿا ته سنڌ جو گورنر ڪراچي جي سياسي شخصيت هجي پر سندس واسطو ايم ڪيو ايم سان نه هجي، ان حوالي سان ٻنهي پارٽين ايم ڪيو ايم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
Next Post
You might also like