خيبرپختونخوا اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن قسم کڻي ورتو

پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن قسم کڻي ورتو جڏهن ان دوران ايوان ۾ بدنظمي نظر آئي.
صوبائي اسيمبلي جو افتتاحي اجلاس صبح 11 وڳي طلب ڪيو ويو جيڪو اٽڪل پوڻي هڪ وڳي شروع ٿيو.
خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ پهريان مرحومن ۽ شهيدن لاءِ دعا گهري وئي جنهن کانپوءِ غني 115 نون چونڊيل ايم پي ايز کان حلف ورتو.
حلف برداري تقريب کانپوءِ اسپيڪر مشتاق غني چيو ته شام 5 وڳي تائين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا ۽ رات 12 وڳي تائين ڪاغذ واپس وٺي سگهجن ٿا، سڀاڻي صبح جو 10 وڳي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي.
ثوبيا شاهد تي لوٽو ۽ جوتو اُڇلايو ويو
ان کان اڳ ن ليگ جي ڪارڪن ثوبيا شاهد هٿ ۾ گهڙي پائي اسيمبلي هال پهتي جتي هوءَ ماڻهن کي پنهنجي گهڙي ڏيکاري رهي هئي ان دوران اسيمبلي ۾ موجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن مٿس خالي بوتل، جوتو، بال پين ۽ لوٽو اُڇلايو پر ان باوجود ثوبيا جاويد مسلسل ماڻهن کي گهڙي ڏيکاريندي رهي.
اسيمبلي هال ۾ بدنظمي
انتظاميا اسيمبلي اجلاس دوران شرڪت لاءِ هڪ هزار کان وڌيڪ پاسز جاري ڪيا هئا ۽ اسيمبلي ۾ ماڻهن جي گنجائش ان کان گهٽ هئي جنهن سبب اجلاس کان اڳ ئي اسيمبلي ۾ سخت بدنظمي نظر آئي.
اسيمبلي اجلاس ڏسڻ لاءِ ماڻهو ڌڪا ڏئي اسيمبلي هال ۾ گهڙي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو اهڙا به اسيمبلي هال ۾ داخل جن وٽ پاسز به نه هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.