سنڌ ۾ برساتن جي نئين اسپيل جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ 3 ڏينهن ملڪ جي مختلف حصن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو سلسلو 29 فيبروري تي ملڪ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ملڪ جي مختلف حصن ۾ برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتن جو نئون سلسلو ملڪ جي مٿين ۽ وچولن حصن تي اثرانداز ٿيندو.
موسميات کاتي موجب سنڌ جي مختلف حصن ۾ به تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.