ريڊ زون ۾ رستا بند، ڪراچي جي اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جام

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي سبب رستن جي بندش جي ڪري اهم شاهراهن تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهن سبب شهرين کي شديد ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، رپورٽس موجب گورنر هائوس ۾ وڏي وزير جي حلف واري تقريب  کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي سبب ريڊ زون ۾ اهم رستن کي بند ڪيو ويو هو، ٽريفڪ پوليس موجب ريد زون ۾ ايوان صدر روڊ، کجور چوڪ، ڦوهارا چوڪ جي ٻنهي پاسن جي رستن کي سيڪيورٽي جي ڪري بند ڪيو ويو هو، اهم رستن جي بنددش سبب آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ڀرپاسي جي شاهراهن تي شديد ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ شهرين کي ڪجهه منٽن جو فاصلو ڪلاڪن ۾ طئي ڪرڻو پئجي ويو، آءِ آٰءِ چندريگر روڊ، شاهين ڪامپيلڪس، ميٽرو پول جي ڀرپاسي وڏي ٽريفڪ رهي، شاهراهه فيصل نرسري ۽ عبدالله هارون روڊ تي به وڏي ٽريفڪ رهي، ايم اي جناح روڊ، چوڌري خليق الزمان روڊ، گذري، ٽي تلوار، صدر، گارڊن ۽ ڀرپاسي ۾ به شديد ٽريفڪ جام رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.