لاهور (ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر فيملي سان ملتان جي ڊپٽي ڪمشنر جي بدتميزي واري واقعي تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ملڪ ۾ هن پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جون ميچون جاري آهن، پر ان دوران هڪ اڻوڻندڙ واقعو سامهون آيو جنهن کانپوءِ محمد عامر سميت ڪرڪيٽر مداح پريشان ٿي ويا آهن.
محمد عامر ويجهڙ ۾ سوشل ميڊيا ذريعي هڪ پيغام شيئر ڪيو ۽ چيو ته سندس فيملي سان پيش آيل واقعي تي هو حيران آهي ۽ اِها بدتميزي ڪنهن به ريت برداشت نه ڪئي ويندي.
محمد عامر ٻڌايو ته ملتان اسٽيڊيم م ڊپٽي ڪشمنر سندس فيملي سان بدتميزي ڪندي کين ميدان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ اِهو به چيو ته هي گرائونڊ سندس ملڪيت آهي.
واقعي کانپوءِ محمد عامر پاران لاڳاپيل انتظاميا ۽ پنجاب جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ کان فوري طور ڊپٽي ڪمشنر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
You might also like