هر 4 سالن کان پوءِ فيبروري جو مهينو 29 ڏينهن جو ٿيندو آهي جيئن 2024ع ۾ ي رهيو آهي.
هڪ ڪاٿي موجب دنيا جي 8 ارب آبادي مان 50 لک ماڻهو اهڙا آهن جن جي سالگرهه 29 فيبروري تي ٿيندي آهي.
پر سوال اهو آهي ته 29 فيبروري تي ڄاول ماڻهو عام سالن دوران ڪهري تاريخ تي پنهنجي سالگرهه ملهائي سگھن ٿا؟ ڇا هر ڀيري کين 4 سالن جو انتظار ڪرڻو پوندو.
ڇا اوهان کي خبر آهي ته ليپ ڊي يعني 29 فيبروري تي ڄاول ماڻهن لاءِ ليپلنگ يا ليپرز جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي.
عام طور تي جيڪي ماڻهو 29 فيبروري تي ڄمندا آهن انهن کي پنهنجي سالگرهه ملهائڻ لاءِ 28 فيبروري يا پهرين مارچ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي جڏهن ته ڪجهه 29 فيبروري تي ئي برقرار رهندا آهن.
ان بابت چيو ويندو آهي ته 28 ۽ 29 فيبروري جي وچولي رات کان پوءِ منجهند تائين ڄاولن کي پنهنجي سالگرهه 28 فيبروري تي ملهائڻ گھرجي.
اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهو 29 فيبروري تي منجهند کان وچولي رات وچ ۾ ڄمندا آ
هن، انهن کي پهرين مارچ پنهنجو جنم ڏڻ تسليم ڪرڻ گھرجي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ 29 فيبروري تي ڄاول ماڻهن جي سرڪاري دستاويز ۾ اها تاريخ نه لکي ويندي آهي.
حقيقت ۾ ڊرائيونگ لائيسنس يا ٻين دستاويزن ۾ اهڙن ماڻهن جي ڄم جي تاريخ 28 فيبروري يا 1 مارچ لکي ويندي آهي.
Prev Post
You might also like