نگران وزيراعظم قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ لاءِ صدر کي ٻيهر ايڊوائس موڪلي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جو افتتاحي سيشن گهرائڻ ۾ صدر جي اعتراض تي نگران وزيراعظم صدر کي ٻيهر ايڊوائس موڪلڻ سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي اجلاس طلب ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي موڪليل سفارشن ۾ آئين تحت اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ چيو آهي ته آئين تحت چونڊن جي 21 ڏينهن اندر اجلاس طلب ڪرڻ آئيني ڊيڊ لائن آهي، صدر آئين ۾ داخل ڊيڊ لائن موجب اجلاس گهرائي.
هوڏانهن صدر طرفان اجلاس نه گهرائڻ تي قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جا متبادل انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ به نگران وزيراعظم کي سمري موڪلي آهي، جيڪا پارلياماني معاملن واري وزارت کي ڏني وئي آهي پر اها سمري واپس سيڪريٽريٽ کي وصول ٿي وئي.
نگران وزيراعظم قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي آئيني ڊيڊ لائن گذرڻ تي اجلاس گهرائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ آئيني ڊيڊ لائن پوري ٿيڻ تي اجلاس گهرائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي اجلاس جو نوٽيفڪيشن اربع يا خميس جي وچين رات جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.