شاهد آفريدي خلاف ٺڳي جو ڪيس، معاملو ڇا آهي؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب پوليس پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.
شاهد آفريدي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پنجاب پوليس جو بيان شيئر ڪيو آهي.
پنجاب پوليس طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي خلاف راولپنڊي ضلعي جي راوت ٿاڻي ۾ فراڊ جي قلمن تحت ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بابت هلندڙ خبرن ۾ ڪا به سچائي نه آهي.
پنجاب پوليس موجب، اڳوڻي ڪرڪيٽر خلاف ڪا به ايف آءِ آر داخل ناهي ڪئي وئي.
پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته فرياديءَ ايف آءِ آر ٻين ماڻهن خلاف داخل ڪرائي آهي ۽ متن ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ اشتهار جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.