بي سي سي آءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي نظرانداز ڪندڙ رانديگرن لاءِ پلان تيار ڪري ورتو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ) ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي نظرانداز ڪندڙ رانديگرن جي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) پلان تيار ڪري ورتو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ، ڪئلينڊر ايئر دوران تمام ٽيسٽ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن جي ميچ فيس وڌائڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بي سي سي آءِ طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگرن کي واڌو بونس ڏيندو، بونس ڏيڻ جو مقصد ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ جي اهميت کي برقرار رکڻ آهي.
ويجهڙ ۾ڪجهه رانديگر آءِ پي ايل جي تياري لاءِ علائقائي ڪرڪيٽ کان پاسيرا ٿي ويا هئا، جڏهن ته بورڊ طرفان ڪرڪيٽرن کي دوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگرن لاءِ واڌو فيس جو اعلان آءِ پي ايل کانپوءِ ڪيو ويندو، ٽيسٽ ڪرڪيٽرن کي ساليانو ريٽينز شپ ذريعي واڌو رقم ملندي.
بي سي بي آءِ ذريعن موجب، ان جو مقصد اِهو آهي ته رانديگر ريڊ بال ڪرڪيٽ تي وڌيڪ ڌيان ڏين.
واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽرن کي هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ پندرنهن لک ڀارتي رُپيا معاوضو ملندو آهي.
ياد رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جئه شاهه سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۽ اي ٽي جي رانديگرن کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ حصو نه وٺڻ تي خبردار ڪيو هو، ڊوميسٽڪ بدران ليگ کي ترجيح تي سخت ايڪشن وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.