سينٽياگو (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ چلي جي سامونڊي پٽي ڀرسان سمنڊ جي اندر موجود جبلن مان 100 کان وڌيڪ نوان جاندار دريافت ڪري ورتا.
اهي جاندار چلي ۽ ايسٽر آءِ لينڊ وچ ۾ سمنڊ ۾ 3530 ميٽر هيٺ 2900 ڪلوميٽرن تي پکڙيل جابلو سلسلي سالاس واءِ گوميزرج ۾ دريافت ڪيا ويا.
شمڊ اوشيئن انسٽيٽيوٽ موجب ان علائقي ۾ ڊيپ سيڪورلز، گلاس اسپونجز، سي ارچنز، ايمفيبورڊز، اسڪواٽ لوبسٽر ۽ ٻيا اهڙا جاندار هٿ ڪيا ويا جن کي اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو هو.
محقق ڊاڪٽر جيوئير سيلينز جو چوڻ هو ته ان مشن ۾ سائنسدان اميدن کان اڳتي نڪري ويا آهن، ان ڳالهه جي اميد ڪئي پئي وئي ته ڏورانهان علائقا جيڪي نظرن ۾ گھٽ اچن ٿا اتي جاندارن جا نوان نسل دريافت ٿين پر جيتري انگ ۾ اتي جاندار دريافت ٿيا اُهو حيران ڪندڙ آهي.
سائنسدانن جي ٽيم ان علائقي جي آبي جيوت جو معائنو ڪرڻ لاءِ رموٽ ڪنٽرول انڊر واٽر روبوٽ جو استعمال ڪيو ۽ سمنڊ جي ڄاڻايل جابلو سلسلي جو نقشو تيار ڪيو.
ڊاڪٽر جيويئر سيلينز وڌيڪ چيو ته اهو واڌ ويجهه ڪندڙ ۽ صحتمند ماحول ڏانهن اشارو ڪري ٿو (نازڪا-ڊيسونچريڊس ۽ زوان فرنينڊز مرين پارڪس) اثرائتي انداز ۾ نازڪ سامونڊي ماحول جي حفاظت ڪن پيا.
نون دريافت ٿيل چئن سامونڊي ٽڪرين ۾ سڀ کان اونچي ٽڪريءَ سطح کان 3530 ميٽر هيٺ آهي ۽ اها پهريون ڀيرو مشاهدي ۾ آئي آهي.
You might also like