سون جو مُلهه وڌيڪ چڙهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 100 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 15 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 86 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 85 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 2 ڊالر واڌ سان 2036 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.