گوگل سياحن کي رڻ ۾ رولي ڇڏيو!

سموري دنيا ۾ ڪڙوين ماڻهو نون هنڌن جي سفر لاءِ گوگل ميپس تي ڀاڙيندا آهن، پر ڪيئي دفعا هي نيوي گيشن سروس ماڻهن کي ڏچي ۾ ڦاسائي ڇڏيندي آهي.
اهڙو ئي هڪ واقعو جرمنيءَ سان واسطو رکندڙ ٻن سياحن سان آسٽريليا ۾ پيش آيو جتي کين گوگل ميپس جي ڪري ڪيترا ئي ڏينهن تائين ويران علائقي ۾ گذارڻا پيا.
فلپ مائر ۽ مارشل شوني نالي سياح آسٽريليا جي شهر ڪيرنز کان بماگا لاءِ گاڏي تي روانو ٿيا.
اتي پهچڻ لاءِ سياحن گوگل جي نيوي گيشن سسٽم جي هدايتن تي عمل ڪيو جيڪو کين گهربل ماڳ بدران رياست ڪوئنز لينڊ جي اتر ۾ موجود ويران علائقي ڏانهن وٺي ويو.
فلپ مائر مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان فيصلو ڪيو ته گوگل ميپس جي هدايتن تي عمل ڪندا ڇاڪاڻ ته هو اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻيندو هوندو.
37 ميل سفر ڪرڻ کانپوءِ سندن ڪار گَپ ۾ ڦاسي پئي جنهن کانپوءِ ٻئي ڪيئي ڏينهن پيادل سفر ڪري واپس ڪيرنز پهتا.
هن ٻڌايو ته سفر دوران هو اهڙي درياءَ وٽان گذريا جنهن ۾ هڪ واڳون موجود هو جڏهن ته موسم به ڏاڍي خراب هئي، ڪٿي آنڌاري ته ڪٿي سخت گرمي جو منهن ڏسڻو پيو.
پناهگاهه جوڙڻ ۾ ناڪامي سبب کين کليل آسمان هيٺ راتون گذارڻيون پيون.
ان ڏس ۾ گوگل جي هڪ ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان ان واقعي تي معذرت ڪيون ٿا ۽ اسان کي خوشي آهي ٻئي سياح محفوظ آهن.
ترجمان موجب، اسان نقشي مان اِهو رستو ڪڍي ڇڏيو آهي، ڪمپني طرفان ميپ کي اَپ ڊيٽ ڪرڻ لاءِ ڪيئي ذريعا استعمال ڪيا ويندا آهن.
واضح رهي ته اِهو پهريون موقعو ناهي جڏهن ڪنهن واهپيدار کي گوگل ميپس جي هدايتن تي عمل ڪندي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو.
ان کان اڳ 2023ع ڪئناڊا ۾ 3 ڄڻا گوگل ميپس جي هدايتن تي عمل ڪندي هڪ ويران علائقي ۾ ڦاسي پيا هئا جنهن کي ريسڪيو ٽيمن بچائي ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.